خدابخش مري، جسٽس

خدابخش مري، جسٽس

خدابخش مري جسٽس

خدابخش مري، جسٽس: بلوچي زبان جي ممتاز اديب، سياسي ۽ سماجي شخصيت ۽ نامياري قانوندان، خدا بخش مريءَ، 1926ع ڌاري ڪوهلو (بلوچستان) ۾ جنم ورتو. قانون جي اعليٰ ڊگري لنڪنز اِن (لنڊن) مان حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڪوئيٽا ۾ وڪالت شروع ڪيائين.
پهرين جولاءِ 1970ع تي بلوچستان کي صوبي جو درجو مليو، پر صوبي ۾ هاءِ ڪورٽ الڳ نه هئي، سنڌ ۽ بلوچستان جي گڏيل هاءِ ڪورٽ هئي. کيس ساڳئي سال سنڌ- بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو ۽ جڏهن 1976ع ۾ بلوچستان ۾ ڌار هاءِ ڪورٽ جو قيام عمل ۾ آيو ته جسٽس خدا بخش مريءَ کي ان جو پهريون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. 1977ع کان 1978ع تائين هو بلوچستان جو گورنر رهيو. 1981ع ۾ هن پي. سي. او هيٺ جج طور حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو، جنهنڪري کيس جبري طور رٽائر ڪيو ويو. هن وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻن مهينن تائين بلوچستان جي نگران گورنر طور ڪم ڪيو.
مير خدا بخش جي تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) A Judge May Spea)،
(2) Baluchistan Through Centuries
(3) قديم بلوچي شاعري، (4) بلوچستان تاريخ ڪي آئيني ۾ (5) از منھ بلوچ جسٽس خدا بخش مري، 14 مئي 2006ع تي وفات ڪئي. کيس ڪوهلو ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.07.01  عيسوي

پهرين جولاءِ 1970ع تي بلوچستان کي صوبي جو درجو مليو، پر صوبي ۾ هاءِ ڪورٽ الڳ نه هئي، سنڌ ۽ بلوچستان جي گڏيل هاءِ ڪورٽ هئي. کيس ساڳئي سال سنڌ- بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو ۽ جڏهن 1976ع ۾ بلوچستان ۾ ڌار هاءِ ڪورٽ جو قيام عمل ۾ آيو ته جسٽس خدا بخش مريءَ کي ان جو پهريون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊبليو ايڇ مورلينڊ
احمد حسن داني
انور ڏنگڙائي
طارق خشڪ
جعفر صادق عليه السلام امام
سيد معشوق علي شاهه دهلوي
درازي سخي قبول محمد اول
شاهنواز خان شهيد
سيد يار محمد شاهه
جتوئي غلام رسول مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون